رياض-12 جون (اي پي پي ) سعودي عرب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل غزه پٽي ۾ فوري جنگ بن??ي جي حوالي سان آمريڪي قرار داد جي منظوري جي آجيان ڪئي آهي . عرب نيوز موجب سعودي پرڏيهي وزير بيان ۾ زور ڀريو آهي ته تڪرار جي حل لاءِ ضروري آهي ته سموريون ڌريون جنگ بن??ي جي اه??يت کي ترجيح ڏين . سعودي عرب عالمي قراردادن موجب خطي ۾ مستقل بنيادن تي ??من ۽ جنگ بن??ي س??يت فلسطيني مسئلي جي حل لاءِ ڪيل سمورين ??وششن جي حمايت جاري رکندو . واضح رهي ته گذريل رات سلامتي ڪائونسل آمريڪي قرار داد جو معاهدو منظور ڪيو جنهن ۾ غزه جي پٽي ۾ جنگ بن??ي جو مطالبو ڪيو ويو هيو . سلامتي ڪائونسل جي 14 ميمبرن قرارداد کي منظور ڪيو جڏهن ته روس ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو . ياد رهي ته سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي نمائندي لينڊا ٿامس گرين فيلڊ جو چوڻ هو ته آمريڪي تجويز ٽن مرحلن تي ٻڌل آهي پهرين مرحلي ۾ يرغمالين جي آزادي ( عورتن ۽ بزرگ ماڻهن ) کين فوري ۽ مڪمل جنگ بن??ي ڪرڻ شامل آهي . ان کانسواءِ ڪجهه يرغمالين جي لاشن جي واپسي ، فلسطيني قيدين جي مٽا سٽا ۽ آبادي وارن علائقن مان اسرائيلي فوج جي نيڪالي س??يت غزه جي سمورن علائقن طرف فلسطينين جي پنهنجي گهرن ڏ??نه?? واپسي شامل آهي . ٻئي مرحلي ان ڳالهه جو يقين ??ياريو ويندو ته سمورن اسرائيلي قيدين جي آزادي سان مستقل بنيادن تي پر تشدد ڪاروائين جي روڪ ٿام ڪئي وڃي. ان سان گڏ ئي غزه پٽي ۾ وڏي پيماني تي نئين سرتعمير جي منصوبن کي شروع ڪيو ويندو . جيڪو ڪيترن سالن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ??نه?? مارجي ويل اسرائيلن جي باقيات به واپس موٽائي ويندي جيڪي غزه ۾ مارجي ويا هئا .
سعودي عرب پاران سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪي قرارداد جي منظوري جي آجيان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ