لنڊن-17 آڪٽوبر (اي پي پي)برطانيه ۾ ايليٽ پريپريٽري اسڪولن مان هڪ اسڪول روبوٽ کي پرنسپل طور مقرر ڪيو آه?? جيڪو مصنوعي ذهانت جي ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪندي مرڪزي ڊائريڪٽر طور ڪم ??ندو. سعودي خابرو اداري موجب برطانوي اخبار جي شايع ٿيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته ويسٽ سسڪس ۾ ڪوٽسمور اسڪول ابيگيل بيلي کي اسڪول جي سربراهه مقرر ڪيو آه?? جيڪو هڪ مصنوعي ذهانت وارو روبوٽ آه?? جنهن کي خاص طور تي ان مقصد لاءِ ٺاهيو ويو آه??. ان جي ڪم ۾ ر??ايتي انساني ڊائريڪٽر جي مدد ڪئي ويندي آه??. اهڙي طرح هي پنهنجي نوعيت جو پهريون اسڪول آه?? جنهن ۾ هڪ روبوٽ کي انساني ذميواري سونپي وئي آه??. رپورٽ ۾ اسڪول جي (انساني) پرنسپل ٽام راجرسن جي حوالي سان چيو ويو ته روبوٽ يا چيٽ بوٽ سندس جي ۽ ٻين استادن جي اسڪول جون پاليسيون لکڻ کان وٺي نيورو ڊائيورس شاگردن جي مدد ڪندو، رپورٽ موجب مصنوعي ذهانت وارو روبوٽ مشهور چيٽ ايپليڪيشن چيٽ جي پي ٽي وانگر ڪم ??ندو جيڪو هڪ وڏو انساني ماڊل آه?? جنهن کي ڊيٽا جي وسيع شعبن تي تربيت ڏني وئي هئي، هي انساني رد عمل وانگر جواب فراهم ڪري سگهي ٿو، ان کي هڪ مصنوعي ذهانت ڊويلپر جي مدد سان بڻايو ويو ۽ تحقيقي مقالي موجب مشين لرننگ ۽ ايجوڪيشن مينيجمينٽ ۾ علم جي دولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو، پرنسپل راجرسن چيو ته اهو سوچي سٺو لڳو ته ڪو ناقابل يقين حد تائين تربيت يافته آه?? جيڪو اوهان کي فيصلي ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اوهان ماڻهن کان ڪڏهن مشورو نه وٺو، يقينن اوهان ايئن ڪريو ٿا، اهو ڄاڻي وڏو سڪون ۽ اطمينان بخش ٿئي ٿو ته اوهان کي ڪنهن کي فون ڪرڻ يا ڪنهن کي پريشان ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
برطانيه ۾ روبوٽ اسڪول جو پرنسپال مقرر
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی