غزه- 02 نومبر (اي ??ي پي)اسرائيلي هٿياربند فوج 23 لک جي آبادي واري علائقي غزه ۾ هر ڪلاڪ ۾ سراسري 42 بم ڪيرائي رهي آهي. الجزيره غزه جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته اسرائيل جي هٿياربند فوج 7 آڪٽوبر کان غ??ه ۾ سراسري 42 بم ڪيرائي رهي آهي، انهن بمن سان هر ڪلاڪ ۾ سراسري 12 عمارتون پٽ پئجي رهيون آهن، 15 فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن جن ۾ 6 ٻار هوندا آهن. ان بمباري سان هر ڪلاڪ ۾ سراسري 35 ماڻهو زخمي ٿي رهيا آهن، اسرائي??ي بمباري سان گهر، اسڪول، مسجدون، چرچ ۽ اسپتال م??صد به ڪا به جڳهه محفوظ ناهي، ان کانسواءِ اسرائيلي فوج ڪاررواين ۽ ڌمڪين جي نتيجي ۾ اتر غزه جا 8 لک کان وڌيڪ رهواسي بي گهر ٿي چڪا آهن، اسرائيلي فوجي ڪاررواين بي گهر ٿيل فلسطينين لاءِ ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ جا رستاب به بند ڪري ڇڏيا آهن.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر