نيويارڪ – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پشاور ۾ اسڪول جي ٻارن ??ي حملي، مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي ذميوارن ۽ سمجهوتا ايڪسپريس ۾ بيگناهه ??اڪستانين جي شهادت کي ڪڏهن به نه وساريندو، ڪشمير جو مسئلو جيڪو گذريل 70 سالن کان انسانيت جي مٿي تي بدنما داغ آهي، پاڪستان جو پ??ڙي??ري ملڪ دهشتگردن جي مالي مدد ۽ منصوبابندي ۾ حمايت ڪري رهيو آهي، ڀارت سان بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پاڪستان پنهنجي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سود??با??ي نه ٿو ڪري سگهي، علائقائي ملڪن سان گڏيل عزت ۽ احترام جي بنياد ت?? لاڳاپا بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني 73 هين اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه ??حمود قريشي چيو ته 2 مهينا اڳ پاڪستان جي عوام جمهوري حق جو استعمال ڪندي معاملن ۽ گورننس ۾ بهتري جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي عوام هڪ اهڙي ملڪ لاءِ پنهنجي راءِ ڏني آهي جيڪو پراعتماد، دردمند ۽ امن پسند هجي.
ڪشمير مسئلو انسانيت جي مٿي تي داغ آهي: شاهه محمود قريشي جو گڏيل قومن ۾ خطاب
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس