اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ??اڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي لاءِ ??رع??م آهي، وزيراعظم عمران خان فلمي شعبي جي بحالي کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، سندس ويزن آهي ته ملڪي ثقافت، روايتن ۽ مذهبي قدرن سان جڙيل ڊراما ۽ فلمون ٺاهيون وڃن، اسان کي پاڪستان جو روشن چهرو پو??ي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻو آهي. اسان فلمي صنعت کي درپِيش مسئلن جو چڱي ريت جائزو وٺي رهيا آهيون، سموريون لاڳاپيل ڌريون فلم پاليسي جو جائزو وٺن، مثبت تجويزن جي آجيان ڪنداسين، فلمي صنعت جي بحالي جي حوالي سان عمل قدم کنيا ويندا، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت فوڪل پرسن مقرر ڪندي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي نون ??ونڊيل عهديدارن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس