اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ جن پارٽين 30 سال حڪومت ڪئي، اڄ اهي پنهنجو منهن لڪ??ئي رهيون آهن، تحريڪ انصاف واحد حڪومت آهي جيڪا عوام جي سامهون پنهنجي ڪارڪردگي فخر سان پيش ڪري رهي آهي، سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي پيش ڪرڻ نئين روايت آهي، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي ??ود??اري تي ٻڌل آهي، افغانستان ۾ اسان جي ڪردار جي اڄ پوري دنيا اعتراف ڪري رهي آهي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي عالمي افق تي واپس آندو، ڪشمير، فلسطين سميت ٻين وڏن مسئلن تي اسان جي حڪومت هڪ آواز آهي، تحريڪ انصاف جي حڪومت آبادگارن جي مفاد ۾ ڪيتر??ئي قدم کنيا، هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ جدت آندي، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، وزيراعظم عمران خان اڄ پنهنجي حڪومت جو آئنده جو لائحه عمل پيش ڪندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته اڄ ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي اسان جو موٽو ”لگن، انصاف، انسانيت ۽ ??ود??اري اسان جي منزل“ آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت انصاف، انسانيت ۽ ??ود??اري لاءِ ڪم ڪيو، ماضي ۾ 30 سال حڪومتون ڪندڙ اڄ پنهنجو منهن لڪ??ئي رهيا آهن، پر وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ٽن سالن جي ڪارڪردگي فخر سان عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي ۾ جرئت نه آهي ته هو عوام جي سامهون اچي انهن سان ڪيل واعدن تي پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪري سگهي. چو??ري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان اڄ سمورين وزارتن جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي تي ٻڌل ايئر بڪ جو به افتتاح ڪري رهي آهي، هر وزارت پنهنجي ڪارڪردگي عوام جي سامهون پيش ڪري رهي آهي، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا آهن، هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت اڄ جي تقريب جي ميزبان آهي. چو??ري فواد حسين چيو ته اسان سمورا انگ اکر ۽ حقيقت سان گڏ پنهنجي ڪارڪردگي رپورٽ عوام جي سامهون رکنداسين، اسان آبادگارن جي ڀل??ئي لاءِ ڪيتر??ئي قدم کنيا، آبادگارن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، آبادگارن کي 1100 ارب روپين جي اضافي آمدني ٿي، جڏهن آمدني ۾ اضافو ٿيندو آهي ته مهانگ??ئي ۾ اضافو غير لاڳاپيل ٿي ويندو آهي، هن چيو ته اسان هيٺين طبقي لاءِ احساس پروگرام شروع ڪيو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ستر سالن کانپوءِ وڏا سڌارا ڪيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ جدت آندي وئي، اڄ اسان جي پرڏيهي پاليسي ??ود??اري تي ٻڌل آهي. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي آئنده جو لائحه عمل به پيش ڪندو، تحريڪ انصاف پنهنجا پنج سال مڪمل ڪندي ۽ ايندڙ پنج سال به تحريڪ انصاف جا ئي هوندا.
پاڪستان ۾ 30 سال حڪومت ڪندڙ پارٽيون اڄ پنهنجو منهن لڪائي رهيون آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک