اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ?? آهي، افغانستان جو هڪ ٺوس سياسي حل هتان جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ جو بهترين رستو آهي، عالمي برادري افغان عوام جي مع??شي مدد ۽ نئين سر تعمير ۾ ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان سان ابوظهبي جي ولي ع??د ۽ گڏيل عرب اماراتن جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي مع??ملن سان گڏوگڏ علائقائي اڳڀرائي خاص طو?? تي افغانستان جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات سان پنهنجي مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي اهميت جي عزم کي ورجايو. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم زو?? ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي وسيع تر مفاد ?? آهي، افغانستان جي ع??ام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو ٺوس سياسي حل هو. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زو?? ڏنو ته اها افغان عوام جي مع??شي مدد ڪرڻ ۽ ملڪ جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ افغانستان جي مع??شي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آمده ايڪسپو 2020ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي ولي ع??د کي مبارڪباد ڏني. هن ان ميگا ايونٽ جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ ولي ع??د گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز