اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون، اها ڳالهه هن عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پر??يهي وزارت ۾ ساڻ?? ملاقات ڪئي. پر??يهي سيڪريٽري سهيل محمود، عمان ۾ پاڪستان جو سفير ايمبيسڊر ڪي ڪي احسن وگن سميت پر??يهي وزارت جا سينئر آفيسرن به ان ملاقات ۾ شريڪ هئا. پر??يهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سلطنت عمان جي سلطان هيثم بن طارق السعيد جي قيادت کي ساراهيو، پر??يهي وزير انجنيئر ريڌا جمعه محمد علي الصالح کي بطور چيئرمين او سي سي آءِ عمان مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ گڏيل ثقافتي ۽ تهذيبي قدرن جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، عرب ملڪن ۾ عمان نه رڳو جاگرافيائي طور تي پر ثقافت ۽ زبان جي لحاظ کان به پاڪستان جي ويجهو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستاني قيادت جو ويزن معاشي تحفظ جي چوڌري آهي، پاڪستان، جيو اڪنامڪ جي ايجنڊا تي عمل ??ير?? آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پر??يهي وزارت اقتصادي سيڙپڪاري جي ذريعي معاشي استحڪام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، 220 ملين جي آبادي تي ٻڌل معيشت هجڻ جي ناطي پاڪستان ٻاهرين سيڙپڪاري لاءِ ڪاروبار ڪرڻ ۽ منافعو ڪمائڻ جا پر??شش موقعا فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪ عمان انويسٽمينٽ ڪمپني 2001ع ۾ سلطان قابوس جي پاڪستان جي دوري کانپوءِ قائم ڪئي وئي هئي، جيڪا اڄ به پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن جي بنيادي ٿنڀ جي طور تي ڪم ڪندي آهي. پر??يهي وزير پاڪ عمان جوائنٽ بزنس ڪائونسل کي فعال بڻائڻ جي ضرروت تي زور ڏنو. پر??يهي وزير چيو ته گذريل ڏينهن جي سي سي جي جنرل سيڪريٽري نائف بن فلاح الحجراف سان گڏ اسان جي ملاقات تمام گهڻي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وڌائڻ لاءِ هڪ گڏيل ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو. پر??يهي وزير ٻنهي چيمبرز جي وچ ۾ ڪاروباري شخصيتن جي اجلاسن جي انعقاد ۽ عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي پاڪستان ۾ واپاري نمائشن ۾ شرڪت جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان قومي ۽ علائقائي ترقي لاءِ شين جي سنگم تي پنهنجي جاگرافيائي اقتصادي بيهڪ مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، اسان پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان سياحت ۽ واپار جي فروغ لاءِ آن لائين ويزا سميت ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي چيئرمين پر??يهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي تعاون جي ماپي ۾ اضافي لاءِ عمان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.
پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ واپار سيڙپڪاري ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ جا خواهشمند آهيون: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino