اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پ??ڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو، گوادر ايئ??پو???? ۽ ??وادر بندرگاهه جي صورتحال سٺي نه آهي، پاڪستان جي ترقي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي سان جڙيل آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوادر جي دوري دوران مون ڏٺو ته ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت گوادر جي ماڻهن کي مايوس ڪيو، اربين روپيا ۽ قيمتي وقت ضايع ڪيو ويو، گوادر جي بندرگاهه جي لاءِ وڏيون قربانيون ڏيندڙ مقامي ماڻهن لاءِ پ??ڻي ۽ بجلي جي مسئلن جي حل لاءِ ڪو به منصوبو مڪمل ناهي ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته گوادر جي بندرگاهه ۽ گوادر هوائي اڏي جي تع??ير جي صورتحال به ٺيڪ نه آهي، بندرگاهه تي ڪا ڊريجنگ ناهي ڪئي وئي، جنهن جي ڪري ڪو وڏو ڪارگو جهاز لنگر انداز نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته گوادر يونيورسٽي ايئ??پو??ٽ ۽ پيئڻ جي صاف پ??ڻي لاءِ ڊي سيلي نيشن پلانٽ لڳائڻ جي جلد پڄ??ڻي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مجموعي ترقي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي سان ڳنڍيل آهي، اتحادي حڪومت بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۽ مقامي چڱن مڙسن سان گڏجي مستقبل جي لاءِ لائحه عمل جي تعين لاءِ پرعزم آهي.
تحريڪ انصاف جي حڪومت گوادر ۾ پاڻي ۽ بجلي جو ڪو به منصوبو مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha