ڪراچي – 14 س??پٽمبر (اي پي پي) پاڪ ??ضائيه تاز?? ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مصيبتن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. جاري بيان موجب پاڪ ??ضائيه بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ ڏ??ڻ پنجاب ج?? ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڀرپور طريقي سان امدادي ڪارروايون ۽ ريسڪيو جي عمل ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري رياستي ادارن کي وڌيڪ فعال ڪري رهي آهي، فضائيه فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس به قائم ڪيا ويون آهن جتي ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف 24 ڪلاڪ ??وڏ متاثرن کي طبي سهولتون ۽ مفت دوائون فراهم ڪري رهيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته امدادي ڪاررواين دوران پاڪ ??ضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن تيار کاڌو، خشڪ راشن ۽ ٻيون ضروري شيون ورهايون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٺال، لاکڙا، مٽياري، شهدادڪوٽ، صبحتپور، قلعه عبدالله، فاضل پور، جهل مگسي، حاجي پور، بستي شهر محمد ۽ بستي جاگير گبول جي ضرورتمند خاندانن ۾ 15 هزار 719 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 507 پاڻي جون بوتلون ۽ 3 هزار 415 خشڪ راشن جا پيڪيٽ ورهايا، پاڪ ??ضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ مصروف آهي، فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 2 هزار 416 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو، پاڪ ??ضائيه جو چوڻ آهي ته هو قدرتي آفتن دوران انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ ۾ سدائين اڳيان اڳيان رهي آهي.
ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مصيبتن کان چڱي ريت آگاهه آهيون، انهن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون: پاڪ فضائيه
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار