اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُون سيڪا سربرا??ي اجلاس کي خطاب ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح جمهوريت جي آڙ وٺي رهيو آهي جيڪو ڪشمير جي ده??ت سٽيل واديءَ بيلٽ بدران ??لٽ جي ڀارتي پاليسي جو واضح ثبوت آهي، عالمي برادري غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته دنيا کي ظالماڻي نوعيت جي ڀارتي پاليسين کي تسليم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سربرا??ي اجلاس ۾ پنهنجي خطاب جي شروع ۾ مون پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ صحت ۽ خوراڪ جي چئلينجن جي حوالي سان آگاهه ڪيو جنهن جي لاءِ عالمي شموليت جي ضرورت آهي. هن چيو ته انساني يڪجهتي ماحولياتي تبديلي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي.
مُون سيڪا سربراهي اجلاس کي خطاب ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي لڪائڻ لاءِ جمهوريت جي آڙ وٺي رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : رومن دولت