اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي فورم جي ذريعي س??ي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي بنيادي سببن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته او آءِ سي مسلمان امت جو گڏيل آواز آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار او آءِ سي جده ۾ پاڪستان جي نامزد سفير/ مستقل نمائندي سيد محمد فواد شير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته او آءِ سي س??ي دنيا ۾ مسلمان اقليتن جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم ??ڻي. هن وڌيڪ چيو ته دنيا کي ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف وڌندڙ تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هندوستاني هندوتوا نظرييي جي س??ي دنيا ۾ حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته او آءِ سي جي سمورن ڀائر مسلمان ميمبر ملڪن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت اڳڀرائي ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي ظلم بند ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. صدر معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي تشدد ۽ غيرقانوني قدمن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا قدم انساني قدرن، انساني حقن ۽ عا??مي قانونن جي خلاف آهن. هن چيو ته جيستائين فلسطين مسئلو حل نه ٿو ٿئي وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم نه ٿو ٿي س??هي. صدر چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذريعي او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنيڪي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي جي تعليمي ماڊ??ول?? جي ذريعي ميمبر ملڪن کي آن لائين تعليم ۽ آءِ ٽي جون مهارتون پيش ڪري س??هي ٿو. هن چيو ته اٽڪل 8000 غيرملڪي شاگ??دن وچوئل يونيورسٽي مان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ تعليم جي شعبي ۾ اسلامي ملڪن سان وڌيڪ تعاون سان ان انگ ۾ اضافو ڪري س??هجي ٿو. صدر نامزد سفير کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
او آءِ سي مسلمان امت جو گڏيل آواز آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر