استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ت??ڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪ – ت??ڪي?? اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ اهم سنگ ميل رکندڙ آهي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن جيڪي گذرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۽ ت??ڪي?? گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا. وزيراعظم م??مد شهباز شريف صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ت??ڪي?? جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. استنبول شپ يارڊ ۾ پي اين ايس خيبر لانچنگ تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، د??اع?? پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين پڻ موجود هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم م??مد شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئي گهر ت??ڪي?? جو ٻيهر دورو ڪرڻ تي خوش آهيان، اڄ جو ڏينهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۾ عظيم ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ت??ڪي?? هر عالمي فورم تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته صدر رجب طيب اردوان هڪ دورانديش اڳواڻ آهي، ان جي قيادت ۾ ت??ڪي?? جديد فلاحي رياست بڻجي چڪو آهي، ت??ڪي?? جي ڏورانهن علائقن ۾ سموريون بنيادي سهولتون ميسر آهن. وزيراعظم چيو ته توهان امن سان رهڻ چاهيو ٿا ته توهان کي جنگ جي لاءِ به تيار رهڻو پوندو، اڄ دنيا کي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڪڻۡ برآمد معاهدي ۾ ت??ڪي?? جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪ – ت??ڪي?? لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به توانائي جي کوٽ درپيش آهي، پاڪستان قابل تجديد توانائي ۽ توانائي جي سستي ذريعن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن ت??ڪي?? جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? کي قابل تجديد توانائي ذريعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻئي ملڪ آلودگي ۾ گهٽتائي جي لاءِ به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گذريل ڏينهن ۾ بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ت??ڪي?? پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، ت??ڪي?? مان 15 جهاز امدادي سامان کڻي پهتا، ماضي ۾ به مشڪل گهڙيءَ ۾ ت??ڪي?? پاڪستان جي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ ت??ڪي?? گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا. وزيراعظم جهاز جي تياري ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ت??ڪي?? جي صدر رجب طيب اردوان خطاب ڪندي چيو ته پاڪ – ت??ڪي?? ماهر ملجم منصوبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ت??ڪي?? پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن چيو ته ٻطرفو د??اع?? تعاون گڏيل لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ت??ڪي?? دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهن، دهشتگردن جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي گام??ن آهن. د??اع?? پيداوار واري وفاقي وزير اسرار ترين چيو ته پي اين ايس خيبر جي لانچنگ تقريب خوش آئنده آهي، پاڪ – ت??ڪي?? تعاون سان د??اع?? لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پي اين ايس خيبر سان پاڪ بحريه جي د??اع?? صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته صنعتي ڍانچي جي مضبوط ٿيڻ سان پاڪ – ت??ڪي?? واپاري لاڳاپن کي پڻ فروغ ملندو. هن چيو ته اسان دهشگردي سميت سمورن درپيش چئليجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ بيٺل آهيون، ت??ڪي?? ڪشمير مسئلي تي سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل م??مد امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ت??ڪي?? جي وچ ۾ مضبوط د??اع?? لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهيا آهن، ٽئين پي اين ايس خيبر جي لانچنگ سان پاڪستان جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو، سامونڊي دفاع تي معاونت تي ت??ڪي?? جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ت??ڪي?? اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز پي اين ايس بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ