اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل مري پريس ??لب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين جي گروپ انشورنس جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان کان اڳ صحافين جي پگهارن جي ادائيگي جي حوالي سان ??هم ترميمون آنديون پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير مري پريس ??لب جي وفد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صحافين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ??لب ۽ صحافين جي درپيش مسئلن سميت ٻين ??هم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد ۾ مري پريس ??لب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.
حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب