مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مناسڪ حج جي ادائيگي دوران جمرات ۾ وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ ۽ قرباني ڪرڻ کانپوءِ حاجي سڳورا احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. بيت الله شريف جو طواف زيارت، ايندڙ ٽي ڏينهن منيٰ ۾ ق??ام ۽ شيطان کي پٿريون هڻڻ کانپوءِ مناسڪ حج جو عمل مڪمل ٿي ويندو. عرفات جي ميدان جي مسجد نمره کان حج جو خطبو ٻڌ?? ۽ رڪن ??عظم وقوف عرفه کانپوءِ هڪ لک 70 هزار کان وڌيڪ پا??ست??نين سميت سڄي دنيا مان لکين حج پانڌيئڙا مزدلفه پهچي رات کليل آسمان هيٺ گذاري. مزدلفه ?? فجر جي نماز ادا ڪرڻ ۽ سج لٿي مهل واپس منيٰ ۾ پنهنجي خيمن ۾ پهتا جتي پهرين ڏينهن هنن وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ ۽ قرباني کانپوءِ وار ڪٽرايا ۽ احرام جي حالت کان ٻاهر اچي ويا. حاجي سڳورا وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين منيٰ ۾ رهندا. بيت الله جي طواف جي زيارت ۽ ٽنهي شيطانن کي پٿريون هڻڻ کانپوءِ مناسڪ حج مڪمل ٿي ويندو، ٻئي پاسي سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن ۾ عيدالاضحيٰ عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي. مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد نماز جي موقعي تي روح پرور مناظر ڏٺا ويا. ان موقعي تي مسلمان امت جي سربلندي، پا??ست??ن جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصعي دعائون گهريون ويون.
مناسڪ حج جي ادائيگي دوران رمي ۽ قرباني کانپوءِ حاجي سڳورن احرام کولي ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات