اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ريڊ??و ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان لاهور ۾ سنيما هائوس ۽ ڊجيٽل ليب جو پيڙهه جو پٿر رکڻ تي هو خوشي م??سوس ڪري رهي آهي، وفاقي وزير چيو ته ان قدم جو مقصد سستي سنيما رسائي م??عارف ڪرائي پاڪستان ۾ مووي ميجڪ جي رونق بحال ڪرڻ آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان هر پاڪستاني کي عال??ي معيار جي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ فلمي تفريحي صنعت ۾ نئين روح وجهڻ ۽ جدت طرازي لاءِ نيشنل ڊجيٽل آرڪائيو، پاڪستان جي موسيقي جي ڌنن جي ميپنگ ۽ عال??ي معيار جي پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيوز جو سڄي پاڪستان ۾ آغاز ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات