نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا جي دوري دوران اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم اڄ عالمي ترقياتي قدمن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران ??زيراعظم پائيدار ترقياتي هدفن تي اعليٰ سطحي سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. نگران ??زيراعظم جي ايران ج?? صدر سيد ابراهيم رئيسي ۽ ترڪيه ج?? صدر رجب طيب اردوان سان ??ڻ ملاقاتون متوقع آهن. نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آمريڪا ج?? صدر جو بائيڊن پاران عالمي اڳواڻن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا