اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته فلسطين جي معاملي ت?? پاڪستان جي رياست، ??ڪومت ۽ قوم هڪ آهن، اسان فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کا?? محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلسطين جي معاملي تي اسان سڀ متحد آهيون، سينيٽ فلسطين جي حق ۾ مضبوط آواز بلند ڪيو آهي، ان مسئلي ت?? پاڪستان جي حڪومت، ??ياست ۽ قوم هڪ آهن، هن رٿ تي نگران پرڏيهي وزير يا لاڳاپيل وزير بحث سهيڙيندا. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح کا?? وٺي ??گران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ تائين پاڪستان جي سمورن سربراهن فلسطين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، پاڪستاني قوم جو پختو ايمان آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد کي ڪير به دٻائي نه ٿو سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي سمورين سياس?? پارٽين کي اسرائيلي جارحيت جي خلاف هڪ بينر ۽ هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ٿي پرامن احتجاج ڪرڻ گهرجي ۽ اهو پي??ام ڏيڻ گهرجي ته پاڪستاني قوم ان مسئلي تي متحد آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر محمود عباس کي ٽيليفون ڪئي ۽ ان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي تقرير صيهوني نسل پرستن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو سبب بڻي. هن چيو ته پاڪستان جي رياست سدائين کا?? فلسطين جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندي رهي آهي ۽ اڄ به پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي بيٺل آهي. پاڪستان جي ان موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، پاڪستان اڄ به دنيا جي انهن ڪجهه رياستن ۾ شامل آهي جن جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا نه آهن. هن چيو ته اسان جن ملڪن سان جنگ وڙهي انهن سان به اسان جا سفارتي لاڳاپا آهن پر فلسطين جي مسئلي جي ڪري اسان جا اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم نه آهن، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جو فلسطين جي حوالي سان موقف تبديل ناهي ٿيو. هن چيو ته پاڪستان 1967ع کا?? اڳ وارين سرحدن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو حل چاهي ٿو، پاڪستان جي رياست، ??ڪومت ۽ عوام ان معاملي تي فلسطين جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان بابت ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه يقيني آهي ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيندو ته امن نه ٿيندو، جيڪڏهن فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کا?? محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي.
فلسطين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ بيٺل رهنداسين، فلسطين جي عوام کي انهن جي حق کان محروم ڪيو ويو ته صيهوني نسل پرست اسرائيل جي رياست قائم نه رهندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو