ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ سولنگي سان اطلاعات واري نگران صوبائي ??زي?? محمد احمد شاهه ملاقا?? ڪئي. جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ ويجهي تعاون، عام چونڊن جي انتظامن، صحافين کي ??ر ??مڪ?? سهولتن جي فراهمي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات واري نگران صوبائي ??زي?? نگران وفاقي ??زي?? کي صوبي ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جي انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته عام چونڊن جي لاءِ ضروري فنڊز جاري ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي ??زي?? مرتضيٰ سولنگي چيو ته سنڌ صوبي کي ??رامن ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر ??مڪ?? تعاون فراهم ڪنداسين. ان موقعي تي سنڌ جو سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز محمد سليم خان پڻ موجود هئا.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : como jogar lotomania