لاهور – 22 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٿي??سي??ا جي مرض جي روڪٿام لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي، سُندس فائونڊيشن جو ٿي??سي??يا جي حوالي سان ڪم ساراهه جوڳو آهي، اسلام ور??ثت ۽ عورتن جي حقن بابت قانون جوڙيا، ٿي??سي??يا جي مريضن جي لاءِ ماڻهن ۾ وڌي چڙهي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو موجود هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس لاهور ۾ سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ رت جو عطيو جمع ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سُندس فائونڊيشن جي ٿي??سي??يا جي مريضن جي علاج ۾ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ نمايان خدمتون آهن جن کي ڪنهن به صورت ۾ وساري نه ٿو سگهجي، ان حوالي سان سينيئر صحافي سهيل وڙائچ، سُندس فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ صدر ياسين خان ۽ حاجي سرفراز جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ماضي ۾ ان مرض جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور جي کوٽ هئي پر وقت گذرڻ سان گڏ ٿي??سي??يا جي مريضن جي لاءِ بلڊ ڊونرز جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي تنهن ڪري ان مرض ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ماڻهن ۾ وڌي چڙهي رت جو عطيو ڏيڻ جو جذبو موجود هجڻ گهرجي. هن چيو ته رت جي بيمارين ۾ ٿي??سي??يا کانسواءِ هيموفيليا به هڪ موذي مرض آهي، برطانيا ۾ ٿي??سي??يا جي مرض ۾ گذريل 20 سالن کان گهٽتائي ٿي آهي، چونڊيل حڪومت کي گهرجي ته نڪاح جي هڪ خاني ۾ بلڊ ٽيسٽ کي ضروري قرار ڏنو وڃي ته جيئن ٿي??سي??يا ۽ ان سان ٻين بيمارين جي روڪٿام ڪري سگهجي. صدر چيو ته مسجدن کي تعليم جي فروغ لاءِ ڪميو??ٽي سينٽر طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسلام بنيادي طور تي دين فطرت آهي، اسلام ور??ثت ۽ عورتن جي حقن بابت قانون جوڙيا آهن، اسان جي نبي ﷺ صدقي ۽ خيرات جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته جيترو علم پڙهان ٿو، ان مان ٻيا به فائدو کڻن، چين جي ترقي ٻارن کي تعليم ۽ صحت جون معياري سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ لڪل آهي، اسان جو ملڪ قائداعظم جي اصولن تي هلائڻ گهرجي، هي ملڪ جمهوريت جي بنياد تي جوڙيو ويو آهي، جمهوريت جي انهن ئي اصولن کي اختيار ڪري ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته مون کي اميد آهي ته پاڪستان انشاءَ الله ايندڙ ڏينهن ۾ دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل هوندو. ان کان اڳ سُندس فائونڊيشن جي اڳواڻ سينيئر تجزيه نگار ۽ صحافي سهيل وڙائچ ۽ ڊائريڪٽر خالد عباس ڊار ۽ صدر ياسين خان پڻ خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ ڊاڪٽرز، بلڊ ڊونرز ۽ صحافين کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽرز ۽ سُندس فائونڊيشن جا عهديدار پڻ موجود هئا.
ٿيلسيما جي مرض جي روڪٿام لاءِ عوام ۾ آگاهي ضروري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار