اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ??ڪومت ڊيجيٽل ميڊيا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سا?? هڪطرفي قانونسازي جو ڪو ارادو نٿي رکي، ان معاملي تي سمورين صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. اها ڳالهه هن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??حافين جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم جلد شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي مستقل بلڊنگ جي تعمير ۽ موجوده بلڊنگ جي بهتري جي لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا، اين پي سي جي لاءِ سا??ياني گرانٽ جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ??ڪومت نيشنل پريس ڪلب جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهي. هن چيو ته ??ڪومت پريس ڪلب کي مستقل گرانٽ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي، ناڻي واري وزير سا?? ملاقات ڪري مالي بجيٽ ۾ پريس ڪلب جي لاءِ سا??ياني گرانٽ مخصوص ڪرائڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي چيو ته ??ڪومت پريس ڪلب جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري، صحافين کي موجوده دور ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. نيشنل پريس ڪلب جي وقتي سيڪر??ٽر?? عون شيرازي چيو ته ??اولپنڊي اسلام آباد جي صحافتي ڪميونٽي جي لاءِ ميڊيا ٽائون فيز ٽو تمام ضروري آهي. هن چيو ته ??رڪاري اشتهارن کي ورڪرز جي پگهارن سا?? مشروط ڪرڻ اهم قدم ه??ندو. وفد ۾صدر اظهر جتوئي، وقتي سيڪر??ٽر?? عون شيرازي، سيڪر??ٽر?? فنانس وقار عباسي ۽ گورننگ باڊي جا ميمبر شامل هئا. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هو.
حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا اٿارٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان هڪطرفي قانونسازي جو ڪو ارادو نٿي رکي، ان معاملي تي سمورين صحافتي تنظيمن ۽ پريس ڪلبن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔