اسلام آباد-24 مئي (اي پي پي) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستاني عم??دا??ن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن وار?? پرو??را?? تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. اها ڳالهه آءِ ايم ايف مشن جي پاڪستان جي دوري جي تڪميل تي مشن جي چيف نٿن پورٽر طرفان جاري ٿيل بيان ۾ چئي وئي آهي. آءِ ايم ايف جي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني عم??دا??ن جي درخواست تي عالمي مالياتي فنڊ جي ٽيم 13 مئي کان وٺي 23 مئي تائين پاڪستان جو دورو ڪيو، وفد جي قيات نٿن پورٽر ڪئي. ان دوري جو بنيادي مقصد پاڪستان جي اندروني اقتصاد?? پرو??را?? جي منصوبن ۽ انهن منصوبن لاءِ آءِ ايم ايف جي توسيع فنڊ سهولت (اي ايف ايف) جي مدد تي ڳالهيون ڪرڻ هو. بيان موجب 2023ع ۾ اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ڪامياب تڪميل ذريعي حاصل ٿيل معاشي استحڪام جي بنياد تي عالمي مالياتي فنڊ ۽پاڪستاني عم??دا??ن جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن ج?? پرو??را?? تي اسٽاف ليول معاهدو ۽ توسيع فنڊ سهولت ذريعي مدد تائين پهچڻ طرف اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي سڌارن وار?? پرو??را?? جو مقصد ملڪ کي معاشي استحڪام سان مضبوط، جامع ۽ جٽادار واڌ طرف وٺي وڃڻ آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستاني انساني سرمائي، سماجي تحفظ ۽ ماحولياتي موزونيت لاءِ خرچن کي وڌائڻ ۽ منصفاڻي ٽيڪس ذريعي ملڪي محصولن ۾ اضافو ۽ عوامي ماليات کي مستحڪم ڪرڻ جو منصوبو رکون ٿا. پاڪستان جي حڪومت توانائي جي شعبي جي پائيداري، توانائي جي بلند قيمتن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سڌارن، ناڻي ۽ مٽاسٽا جي شرح جي پاليسين جي ذريعي گهٽ ۽ مستحڪم ناڻي واڌ طرف اڳڀرائي جاري رکڻ، رياستي ملڪيتي ڪاروبار جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ سيڙپڪاري ۽ نجي شعبي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ جو به ارادو رکون ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ ايم ايف مشن ۽ پاڪستان جا عم??دا?? ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان جي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيداري طرف سڌارن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گهربل مالي مدد تي ۽ ٻين معاملن تي پاليسي ڳالهيون جاري رکندا ته جيئن انهن معاملن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. آءِ ايم ايف جي ٽيم مشن جي دوري دوران ن??يجا ڏيندڙ ڳالهين ۽ مهمانوازي تي پاڪستاني عم??دا??ن، نجي شعبي ۽ ترقياتي حصيدارن جو ٿورو پڻ مڃيو.
پاڪستان سان جامع اقتصادي پاليسي ۽ سڌارن واري پروگرام تي اسٽاف ليول معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي: آءِ ايم ايف
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ