اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي س??ن آزاد ڪش??ير جي وزير??عظ?? چوڌري انوار الحق ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ انوار الحق ڪش??ير جي يوم استحصال جي ڏهاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هي?? ڄمون ڪش??ير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري غيرقانوني قدمن جي س??ت مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته آزاد ڪش??ير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي س??عام ڀڃڪڙي ڪندي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جو خاتمو ڪري ڪشميرين جو بدترين استحصال ڪيو. گذريل پنجن سالن کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هي?? ڄمون ڪش??ير ۾ ڪرفيو ۽ قلم 144 لاڳو آهي، 5 سالن ۾ هزارين ب??گن??هه ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن جن ۾ معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون شامل آهن. هن چيو ته اڄ پوري قوم پرعزم انداز ۾ يوم استحصال ڪش??ير ملهائي رهي آهي. ڏکڻ ايشيا جو جٽادار امن ڄمون ڪش??ير تڪرار جي حل سان جڙيل آهي. آزاد ڪش??ير جي وزير??عظ?? چيو ته 5 آگسٽ کي دنيا آڏو هندستان جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هي?? ڄمون ڪش??ير ۾ عالمي تنظيمن سميت عالمي ميڊيا جي داخل ٿيڻ تي پڻ پابندي پيل آهي. وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڄمون ڪش??ير ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جو تدارڪ ڪن. گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪش??ير ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪش??ير ۾ امن لاءِ اڳ ۾ به ڀرپور سهڪار ڪيو هو. اڳتي به سهڪار جاري رکنداسين. آزاد ڪش??ير جي سيڪيورٽي بابت ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. آزاد ڪش??ير جي وزير??عظ?? امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج