اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وف??قي وزير قي??ر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي دؤري کا?? اڳ ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لائن جي سينيئر عملدارن اهم ملاقات ڪئي. وف??قي وزير ميرسڪ لائن جي عملدارن کي چيو ته ملڪ جي سامونڊي شعبي ۾ 2 بلين آمريڪي ڊالرن جي تاريخي سيڙپڪاري اچڻ وڏي ڪاميابي آهي. وف??قي وزير پاڪستان حڪومت تي ان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي ڊئنمارڪ جي حڪومت ۽ ميرسڪ لائن جو ٿورو مڃيو. ميرسڪ لائن ڪمپني جي عملدارن سامونڊي معاملن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته معاهدي کا?? اڳ اسان مطمئن آه??ون. وف??قي وزير قي??ر احمد شيخ ميرسڪ عملدارن کي ان جي آپريشنز کي آسان بنائڻ ۽ پيش ايندڙ ڪنهن به چئلينج کي مُنهن ڏيڻ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. وف??قي وزير چيو ته اسان ميرسڪ لائن سان ڪم ڪرڻ ۽ ان جي سيڙپڪاريءَ لاءِ هڪ هموار ۽ مؤثر عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار آه??ون. هن وڌيڪ چيو ته حصيداري جي شرطن ۽ ضابطن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي ۽ اڄ جي ملاقات ٻنهي ڌُرين وچ ۾ هڪ باضابطه معاهدي کا?? اڳ هڪ واضح مفاهمت قائم ڪرڻ ۾ سازگار ماحو?? ثابت ٿي. وف??قي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي تعاون پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي راهه هموار ڪندو ۽ پاڪستان جي سامونڊي انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي وف??قي وزير قي??ر احمد شيخ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته پاڪستان حڪومت سيڙپڪاري جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ سمورن مسئلن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته ميرسڪ لائن سان ان جي حصيداريءَ سان پورٽس جي ترقي، روزگار جي موقعن ۽ مجموعي اقتصادي ترقيءَ جا بيشمار موقعا پيدا ٿيڻ جي اميد آهي جنهن سان عالمي شپنگ انڊسٽريءَ ۾ پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿيندي.
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ سان ڊئنمارڪ جي شپنگ ڪمپني ميرسڪ لائن جي عملدارن جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں