اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پاران پي آءِ اي تان پابندي هٽائڻ کي خوشخبري قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان يورپ جي ??اءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي ??وسٽ ۾ هن چيو ته خاموشي سان محنت ڪريو، توهان جي ڪاميابي پاڻ ڳالهائيندي، الحمدالله پاڪستان جي ??اءِ وڏي خوشخبري آهي، يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي اي ايس اي) پي آءِ اي تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي جنهن سان يورپ جي ??اءِ سڌوسنئون اڏامن جي راهه هموار ٿي وئي آهي. هن چيو ته آئون هوابازي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سندس پوري ايوي ايشن/ پي آءِ اي ٽيم کي ان سلسلي ۾ اڻٿڪ ڪوششن تي خصوصي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهو عمل 2022ع ۾ پي ڊي ايم حڪومت دوران ان وقت جي ??اڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي ??يادت ۾ اهم ڪوششن سان شروع ڪيو ويو هو، هي قوم جي ??اءِ قابل فخر لمحو آهي.
وزيراعظم پاران يورپي يونين ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي پاران پي آءِ اي تان پابندي هٽائڻ خوشخبري قرار
مضمون کا ماخذ : بونانزا