واشنگٽن-23 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي هٿياربند فوج تي حملن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اسر??ئي?? سان غزه ۾ زميني ڪارروائي ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق ان قدم جو مقصد آمريڪا طرفان وچ اوڀر ۾ مقرر پنهنجي فوجين تي حملن کان بچائڻ لاءِ قدمن لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آهي. رپورٽ مطابق آمريڪا کي حماس جي اسر??ئي?? تي حملي ۾ يرغمال بڻائڻ درجنين ماڻهن کي ڇڏرائڻ لاءِ پڻ وقت گهربل آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسر??ئي?? طرفان غزه ۾ زميني فوجي ڪارروائي شروع ٿيڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ مقرر آمريڪا فوج تي حملن جو خطرو وڌي سگهي ٿو. آمريڪا کي خدشو آهي ته ان طرح جا حملا ايران جي حمايت يافته علائقائي گروهه ڪري سگهن ٿا. اخبار مطابق آمريڪي انتظاميه جي غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي امداد جي رسد لاءِ ڳالهين لاءِ وقت گهربل آهي. نيويارڪ ٽائمز نشاندهي ڪئي آهي بائيڊن انتظاميه اسر??ئي?? سان جنگبنديءَ جو مطالبو نه ڪري رهي آهي، هو اڃا به حماس کي تباهه ڪرڻ لاءِ زميني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تل ابيب جي ارادي جي حمايت ڪري ٿو. اخبار جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته زميني آپريشن جي شڙوعات ۾ دير جو مشورو آمريڪي دفاع واري و??ير لائيڊ آستن ذريعي ڏنو ويو هو. آمريڪي دفاع واري و??ارت جي سربراهه طرفان تقريبن روزانو پنهنجي اسر??ئي??ي هم منصب سان رابطي ۾ آهي. لائيڊ آسٽن اسر??ئي?? جي اعليٰ دفاعي اهلڪار کي به چيو آهي ته مغوين جي و??پسي آمريڪا جي ترجيح آهي. ٻئي طرف روسي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ آمريڪي بچاءَ واري و??ير جي حوالي سان ٻُڌايو ويو آهي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڻڄاتل پيٽرياٽ اينٽي ميزائل ڊفينس سسٽ?? ۽ ??رمينل هاءِ آلٽي ٽيوڊ ايريا ڊفينس بيٽري (ٿاڊ) کي فعال ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرياٽ حملي آور ميزائل کي 160 ڪلوميٽر جڏهن ته ٿاڊ 200 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي نشانو بڻائي رستي ۾ تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. سي اين اين مطابق آمريڪا ان کان اڳ ٻه جنگي جهازن بحري جهاز يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ ۽ يو ايس ايس وائٽ ڊي آئزن هاور کي اسر??ئي?? جي مدد لاءِ علائ??ي ۾ موڪليو آهي. ان سان گڏوگڏ آمريڪي بحريه جا گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار اهلڪار پڻ علائ??ي ۾ پهچي چڪا آهن. آمريڪا ان ٻنهي بحري جهازن کان علاوه بحيره اح??ر ۾ ڪيترن ئي جنگي بحري جهازن جي مقرري ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي فوج طرفان اها پڻ دعويٰ ڪئي آهي ته ان جنگي جهازن يمن ۾ حوثي باغين طرفان اسر??ئي?? ۾ هدف کي نشانو بڻائڻ لاءِ فائر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽن ميزائل ۽ اسر??ئي?? طرفان روانو ڪيل ڪيترن ئي ڊرونز کي ڪيرايو آهي. هوڏانهن آمريڪي صدر جوبائيڊن برطانيه، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ڪئنيڊا جي اڳواڻن سان وچ اوڀر جي تازه ترين صورتحال تي به مشاورت ڪئي آهي. سمورن اڳواڻن اسر??ئي?? خلاف حماس جي ڪارروائي کي دهشتگردي قرار ڏيندي ان خلاف اسر??ئي?? جي پنهنجي دفاع جي حق ۾ ڀرپور حمايت ڪئي آهي.
آمريڪا جي اسرائيل کان غزه جي پٽيءَ ۾ زميني آپريشن ڪجهه وقت لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اپيل
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو