اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عاشوره محرم جي پرامن انعقاد تي سيڪيورٽي فورسز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي صوبائي حڪومتن جي بهترين انتظامن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته محرم الحرام جي موقعي تي پوليس سميت سيڪيورٽي جي سمورن ادارن ڏينهن رات خدمتون سرا??جا?? ڏنيون جنهن تي هو تحسين جا مستحق آهن. مريم اورنگزيب چيو ته امن امان جي قيام جي سلسلي ۾ عزادارن ۽ شهرين جو تعاون به مثالي رهيو. هن چيو ته گڏيل اتحاد، ٻڌي ۽ تعاون سان هر مشڪل تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. مملڪتي وزير چيو ته عاشوره کان اڳ دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ سيڪيورٽي آپريٽس جي شاندار ڪاميابي ۽ صلاحيت جو ثب??ت آهي.
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste