نيويارڪ-23 فيبروري (اي پي پي) گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي يوڪرين ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو آهي ۽ روس کان مطالبو ڪيو آهي ته اهو گڏيل ??ومن جي چارٽر مطابق فوري طور ??ي پنهنجي فوج يوڪرين مان واپس سڏائي. يوڪرين تي روس جي فوجي چڙهائيءَ کي ٻيو سال شروع ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪ اڳ ع??لم?? اداري پنهنجي يارهين خصوصي هنگامي اجلاس ۾ هڪ نئون ٺهراءُ منظور ڪيو آهي، جنهن ۾ يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. جنرل اسيمبليءَ جي 141 ميمبر ملڪن ان ٺهراءَ جي حق ۾، جڏهن ته 7 ملڪن ۾ ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جن ۾ بيلاروس، جمهوريه ڪوريا، ايريٽيريا، مالي، نڪارا گوا، روس ۽ شامل آهن. چين، ڀارت ۽ پاڪستان سميت 32 ملڪن راءِ شماريءَ ۾ حصو نه ورتو. 11 پيراگراف تي ٻَڌل ٺهراءَ ۾ جنرل اسيمبليءَ ان مطالبي جو ورجاءُ ڪيو ته روس فوري طور تي مڪمل ۽ غير مشروط طور ??ي پنهنجي فوج يوڪرين جي علائقن مان واپس سڏائي ۽ جنگ ختم ڪري. ان ٺهراءَ ذريعي جنرل اسيمبلي ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي غذائي تحفظ، توانائي، ماليات، ماحوليات ۽ ايٽمي سلامتي ۽ تحفظ تي ان جنگ جي عالمگير اثرن کان بچڻ لاءِ ايڪتا جي جذبي تحت سهڪار ڪن. جٽادار امن جي اهتمام لاءِ انهن حقيقتن کي نظر ۾ رکندي جنرل اسيمبلي سمورن ميمبر ملڪن کي اهو به چيو ته اهي انهن اثرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ??ومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن ۾ سهڪار ڪن. اجلاس جي شروعات ۾ ان ٺهراءَ تي بحث ٿيو جنهن ۾ جنرل اسيمبليءَ جي صدر سابا ڪوروشي جو چوڻ هو ته سڄو سال اسيمبلي جا 193 ميمبر، سيڪريٽري جنرل ۽ ع??لم?? برادري ان جنگ جي خاتمي ۽ گڏيل ??ومن جي چارٽر ۽ ع??لم?? قانون جي پاسداري ڪرڻ لاءِ زور ڀريندا رهيا ۽ کُليل ??موني مطالبو ڪندا رهيا آهن. جنرل اسيمبلي يوڪرين جي ع??لم?? طور تي تسليم ٿيل سرحدن ۽ سامونڊي حدن ۾ ان جي خودمختياري، آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سلامتيءَ سان پنهنجي وابستگيءَ کي ٻيهر توثيق ڪئي. ٺهراءَ ۾ اهو يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو ته ع??لم?? قانونن تحت يوڪرين ۾ انتهائي سنگين ڏوهه جي زمري ۾ آيل ??دمن جي آزاد، قومي يا ع??لم?? تحقيقات ۽ قانوني ڪارروائي يقيني بنائي وڃي ته جيئن سمورن متاثرن کي انصاف ملي ۽ مستقبل ۾ اهڙن ڏوهن جي روڪٿام ممڪن ٿي ??گهي. جمعي ڏينهن ع??لم?? اداري بيلاروس طرفان ٺهراءَ ۾ تجويز ڪيل ??ه ترميمن کي رد به ڪيو. پهرين تجويز مطابق ٺهراءَ جي ڪيترن ئي شرطن کي تبديل ڪرڻو هو ۽ ٻي شرط تحت اسيمبليءَ کي ميمبر ملڪن کي چوڻو هو ته اهي ٻين ڳالهين کان علاوه جنگ سٽيل علائقي ۾ هٿيار اُماڻڻ کان پاسو ڪن.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ يوڪرين جنگ جي فوري خاتمي جو ٺهراءُ منظور
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن