رياض -27 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزا??ت چيو آهي، ته عمري جو تعداد مقرر ناهي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ??ري سگهن ٿا. سعودي نشرياتي اداري مطابق حج وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته زائرين جي لاءِ عمري جي تعداد مقرر ناهي ڪئي وئي ۽ زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت مطابق جيترا ڀيرا چاهين عمرو ??ري سگهن ٿا. وزارت جو چوڻ هو ته وزٽ، سياحت ??ا ملازمت ويزا هولڊر ڪنهن به پابندي کا??سواءِ عمرو ??ري سگهن ٿا. زائرين مملڪت مان واپسي لاءِ ٽرانسپورٽ وسيلا به تبديل ??ري سگهن ٿا. هو??ئي رستي ايندڙ جيڪڏهن ته بحري يا بري رستي به واپس وڃي سگهن ٿا. سعودي عرب اچڻ ۽ وڃڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به انٽرنيشنل يا لوڪل ايئرپورٽ جي پابندي ناهي، ڪنهن به ايئرپورٽ تان اچ وڃ ??ري سگهجي ٿي. واضح رهي ته سعودي عرب آن لائين ٽرانزٽ وزٽ ويزا سروس جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد سعودي عرب اچڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. ٽرانزٽ ويزا تي عمرو، مسجد نبوي جي زيارت، سياحتي پروگرامن ۾ شرڪت ۽ ملڪ جي شهرن ۾ اچ وڃ جي سهولت هوندي.
زائرين پنهنجي مرضي ۽ سهولت سان جيترا ڀيرا چاهين عمرو ڪري سگهن ٿا: سعودي جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق