گڏيل قومون – 17 فيبروري (اي پي پي) گڏيل قومن ترڪيه جي زلزلي متاثرن لاءِ هڪ ارب ڊالي جي بين الاقوامي امداد جي اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته اهي فنڊز 52 لک ماڻهن کي 3 مهينن لاءِ ??دد فراهم ڪري سگهندا، جنهن سان امدادي تنظيمن کي خوراڪ، تحفظ?? تعليم، پاڻي ۽ پناهه گاهه جي شعبن ۾ پنهنجي ڪم کي تيزي سا?? وڌائڻ ۾ ??دد ملندي. هن چيو ته ضرورتون تمام گهڻيون آهن، ماڻهو تڪليف ۾ آهن ۽ وقت ضايع نٿو ڪري سگهجي. هن بين الاقوامي برادري تي زور ڏنو ته هو اڳتي اچي ۽ اسانجي دور جي سڀني کان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ فنڊز فراهم ڪري. ختيارين مطابق ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب فوتگيون 42 هزار کا?? وڌي ويون آهن.
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت