واشنگٽن -24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي انتظاميه فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ جي پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر مان لکين آمريڪي شهرين جي امڪاني نڪري وڃڻ واري منصوبي جي تياري شروع ڪ??ي ڇڏي آهي. آمريڪي اخبار ”واشنگٽن پ??سٽ“ مطابق هن وقت رڳو اسرائيل ۽ لبنان ۾ 6 کان 7 لک آمريڪي شهري موجود آهن جن کي ان ڳالهه تي ڳڻتي آهي ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ بدترين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿي. آمريڪي اختيارين مطابق اهڙي صورتحال لاءِ رٿابندي نه ڪرڻ غيرذميواراڻو هوندو. آمريڪي اختيارين لاءِ امڪاني اسرائيلي زميني ڪارروائي بعد جنگ وڌيڪ پکڙجڻ جي خدشي سبب وڌيڪ پريشان آهيون. تازن ڏينهن ۾ آمريڪي انتظاميه پنهنجو سڄو ڌيان ان پ??چيده لاجسٽڪ صورتحال ڏانهن ڇڪايو آهي، جيڪو اوچتو وڏي انگ ۾ آمريڪي شهرين جي واپسي جي صورت ۾ پيش اچي سگهي ٿو. واشنگٽن پ??سٽ مطابق حماس جي حملي وقت اسرائيل ۾ اٽڪل 6 لک آمريڪي شهري ۽ لبنان ۾ وڌيڪ 86 هزار آمريڪي شهري موجود هئا.
آمريڪي انتظاميه طرفان وچ اوڀر مان لکين شهرين جي امڪاني لڏپلاڻ جي منصوبي تي غور
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil