غزه -20 نومبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد ٿي ويا آهن، جنهن بعد ش??يد ٿيل صحافين ??و مجموعي انگ 48 ٿي ويو آهي. سعودي نشرياتي اداري مطابق اسرائيل جي فوج جي حملي ۾ صحافي ۽ غيرس??ڪا??ي تنظيم پريس هاس فلسطين ??ي بورڊ جي سربراه بلال جاد الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته اسرائيل جي فوج طرفان مهاجر ڪيمپ تي حملي دوران فري لانس صحافي حسونه سليم ۽ ساري منصور البوريج پڻ حياتي وڃائي ويٺا. نيويارڪ ۾ موجوده ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) مطابق 6 هفتن کان جاري ويڙهه ۾ هاڻي تائين 48 صحافي شهيد ٿي چڪا آهن. سي پي جي طرفان جاري فهرست ۾ شامل صحافين ۾ رائيٽرز جو صحافي اعصام عبدالله پڻ شامل آهي، جيڪو 13 آڪٽوبر تي اسرائيل جي سرحد ويجهو لبنان ۾ مارجي ويو هو. انگن اکرن مطابق مارجي ويل صحافين ??ي فهرست ۾ 43 فلسطيني، 4 اسرائيلي ۽ هڪ لبناني شامل آهن.
غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد، انگ 48 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں