تهران- 06 في??رو??ي (اي پي پي) ايران سعودي عرب سميت ڪيترن ملڪن جي شهرين کي اڳواٽ ويزا ڏيڻ کان ڇوٽ ڏيڻ جي ف??صل?? تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اردو نيوز مطابق ايران جي سياحت واري وزير عزت الله ضر غامي چيو آهي ته ايران سعودي عرب سميت ڀارت، روس، امارات، بحرين، قطر، ڪويت، لبنان ۽ برازيل سميت 28 ٻين ملڪن جي شهرين کي اڳواٽ ويزا کان ڇوٽ ڏيڻ جو ف??صل?? ڊسمبر ۾ ڪيو هو جنهن تي عمل 5 في??رو??ي کان شروع ٿي ويو آهي. ف??صل?? مطابق هوائي رستي ايندڙ سعودي سياحن کي هاڻي ويزا وٺڻ جي ضرورت نه هوندي جڏهن ته زميني رستي ايندڙ سياحن تي اهو ف??صل?? لاڳو نه ٿيندو. واضح رهي ته 2023ع جي پهرين 8 مهينن د??ران ايران ۾ پرڏيهي سياحن ج?? انگ ۾ 48.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر