بيجنگ – 18 جولاءِ (اي پي پي) چين آمريڪا طرفان تائيوان کي هٿيارن جي وڪري خلاف احتجاج ڪندي آمريڪا سان ايٽمي هٿيارن جي پکيڙ بابت ڳالهيون روڪي ڇڏيون. خابرو اداري رائٽرز مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ معمول جي نيوز بريفنگ دوران چيو آهي ته تازن مهينن ۾ تائيوان کي بار بار آمريڪي هٿيارن جي وڪري هٿيارن تي ضابطو آڻڻ بابت مشاورت جاري ??کڻ لاءِ سياسي ماحول کي شديد متاثر ڪيو آه?? ۽ ??ن جي نتيجي ۾ چين آمريڪا سان هٿيارن جي ??نٽ??ول ۽ عدم پکيڙ بابت مشاورت جي هڪ نئي دور تي ڳالهه ٻولهه کي روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان جي ذميواري پوري طرح آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته چين بين الاقوامي هٿيارن جي ??نٽ??ول بابت ڳالهه ٻولهه کي برقرار ??کڻ لاءِ تيار آهي پر آمريڪا کي چين جي بنيادي مفادن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ڳالهه ٻولهه ۽ مٽا سٽا لاءِ مناسب حالتون پيدا ڪرڻ گهرجن.
تائيوان کي هٿيارن جي وڪري جو معاملو، چين آمريڪا سان ايٽمي ڳالهيون روڪي ڇڏيون
مضمون کا ماخذ : números dupla sena