گڏيل قومون-12 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته وڌيڪ پرامن، پائيدار ۽ منصفاڻي دنيا جي جوڙجڪ لاءِ تع??يم جي شعبي ۾ عالمي سطح جي بحران جي حل لاءِ وڏي پئماني تي تبديلين جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن ٽرانسفارمنگ ايجوڪيشن تي منعقد خصوصي تقريب ۾ چئي، جيڪا جاري اعليٰ سطحي سياسي فورم (ايڇ ايل پي ايف) جو حصو آهي. ان تقريب ۾ گڏيل قومن جي سربراهه سمورن ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو سکڻ جي حقيقي ماحول جي جوڙجڪ لاءِ ٺوس ڪوششون ڪن جيڪي ٻارن کي ننڍپڻ کان وٺي بالغ ٿيڻ تائين سکڻ جا موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته دنيا تع??يمي نظام ۾ ڊگهي مدي واري تبديلي جي سٽ نٿي سهي سگهي. گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته موجوده تع??يمي نظام کي تبديل ڪرڻ جا قدم نه کڻڻ جي صورت ۾ 2030ع تائين تقريبن 84 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر رهندا. ان جو مطلب آهي ته پائيدار ترقياتي هد??ن جي چوٿين هد?? (ايس ڊي جي 4) جنهن جو مقصد جامع ۽ هڪجهڙي معيار جي تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ سڀني لاءِ سڄي زندگي سکڻ جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي، تائين پهچڻ جو امڪان ناهي. في الحال دنيا ۾ صرف 16 يا 17 سيڪڙو ملڪ معياري تع??يم تائين عالمي رسائي جي ايس ڊي جي 4 هد?? کي حاصل ڪرڻ تي اڳڀرائي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهو واقعي حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سب صحارا آفريقا ۾ تقريبن 70 سيڪڙو ٻار 10 سالن جي عمر تائين ڪا تحرير به نٿا پڙهي سگهن. سيڪريٽري جنرل چيو ته معياري تع??يم جي فراهمي لاءِ فراهم ڪيل مالي وسيلا به ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ ناڪافي آهن، يونيسڪو 2023ع ۾ اندازو لڳايو ته اسرندڙ ملڪن کي ايس ڊي جي 4 کي حاصل ڪرڻ لاءِ ساليانو 100 بلين ڊالرن جي سيڙپڪاري جي ضرورت هوندي ۽ جڏهن تع??يم جي ڊجيٽل تبديلي جي خرچن تي غور ڪيو وڃي ته اها رقم تقريبن 50 سيڪڙو وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي سطح تي هر 10 مان چار ماڻهو اهڙن ملڪن ۾ رهن ٿا جتي حڪومتون تع??يم يا صحت بدران قرضن جي ادائيگين تي وڌيڪ خرچ ڪن ٿيون. هن چيو ته 2022ع ۾ ٽرانسفارمنگ ايجوڪيشن سمٽ ۾ 140 کان وڌيڪ ملڪن ان بحران کي حل ڪرڻ جو عزم ڪيو پر ان حوالي سان اڳڀرائي گهڻي سست ۽ ناهموار آهي. سيڪريٽري جنرل تع??يم بابت خصوصي ايونٽ ۾ عالمي تع??يمي بحران کي ختم ڪرڻ ۽ 2030ع تائين پائيدار ترقياتي هد??ن جي چوٿين هد?? (ايس ڊي جي 4) کي حاصل ڪرڻ طرف رفتار وڌائڻ لاءِ چار نڪاتي منصوبو بڻايو آهي.
تعليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري سڀ کان وڌيڪ اهميت واري آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores