جنيوا – 01 آڪٽوبر (اي پي پي )انٽر نيشنل ڪميٽي آف دي ريڊ ڪراس( آئي سي آر سي ) سڄي دنيا ۾ جاري تڪرار دوران جنيوا ڪنوينشنز جي کليل ڀڃڪڙي بابت خبردار ڪيو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آئي سي آر سي جي سربراهه سپولجرڪ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته سمورن ملڪن کي ??وري طور تي ٻيهر انساني معاملن با??ت عالمي قانون جي پاسداري شروع ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عسڪري آپريشنن جي قيادت ڪندڙ ملڪ انساني معاملن با??ت عالمي قانون کي باقاعده پيرن هيٺان لتاڙيو آهي، غزه، سوڊان ۽ يوڪرين ۾ زخمين ۽ فوتين جو انگ تصور کان وڌيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته ريڊڪراس لاءِ اهڙين آبادين تائين رسائي ۾ وڏي پيماني تي رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. جن کي ??ن وقت مدد جي سخت ضرورت آهي . واضع رهي ته آئي سي آر سي جنيوا معاهدن تي عمل تي نظر رکندڙ ڪميٽي آهي جيڪا تڪرار دوران هڪ غير جانبداراڻي ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪندي آهي.
سڄي دنيا ۾ جاري تڪرار دوران جنيوا ڪنوينشنز جي کليل ڀڃڪڙي سبب ڳڻتي آهي: ريڊ ڪراس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی