گڏيل قومون – 31 آڪٽوبر (اي ??ي پي) پاڪستان ڪيوبا خلاف 32 سالن کان لاڳو آمريڪي اقتصادي پابندين جي خاتمي جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪست??ن جي مستقل نائب نمائندي عثم??ن جدون گڏيل قومن جي 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيوبا ۾ بنيادي شين جي کوٽ، بدترين معاشي بحران تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ طرفيون اقتصادي پابنديون لاڳو ڪرڻ غير نتيجي جوڳي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ ??ال??ي قانون جي مقصدن ۽ اصولن سان هڪ جهڙائي نٿيون رکن. ان موقعي تي جنرل اسيمبلي ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جي خاتمي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ وڏي ??ڪث??يت سان منظور ڪري ورتو. جنرل اسيمبلي ۾ ٿيل ووٽنگ ۾ ٺهراءُ جي حق ۾ 187 ووٽ وڌا ويا جڏهن ته رڳو ٻن ملڪن آمريڪا ۽ اسرائيل ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي ۽ هڪ ملڪ ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي عثم??ن جدون چيو ته پاڪستان ڪيوبا جي پنهنجن وسيلن خاص طور تي خوراڪ ۽ دوائن جي حق کي تسليم ڪري ٿو. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته ڪيوبا تي آمريڪي پابندين جهڙا قدم پائيدار ترقي بابت 2030ع جي ايجنڊا ۾ شامل اس??ن جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ نقصانڪار آهن ۽ اسان سمجهون ٿا ته پابندي جو خاتمو ڪيوبا جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ ڏانهن هڪ اهم قدم هوندو.
پاڪستان طرفان ڪيوبا خلاف آمريڪي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن