واشنگٽن -28 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ عا??مي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن تي زور ڀريو آهي، ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خ??اب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پراڻي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي من??سبت سان من??قد ٿيل وڏي ميڙاڪي کي خ??اب ڪندي چيو ته اهو ڪيس اسان جي حق ۾ آهي ۽ ان کي عا??مي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ درست وقت تي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن جو حوالو ڏنو جيڪي گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري ڪرائڻ ۽ ڪشميري عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو حق ڏئي ٿي. هن چيو ته علائقي جي ت??ري?? اسان جي حق ۾ آهي، اهو ڏينهن هر سال 27 آڪٽوبر 1947ع تي ان ڏينهن جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي، جڏهن ڀارت ڪنهن قانوني جواز کانسواءِ ڄمون ڪشمير رياست تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو. پاڪستاني سفير چيو ته ت??ري?? رڪارڊ اسان لاءِ هڪ اثاثو آهي ۽ هر پليٽ فارم تي ان جو حوالو ڏيڻ ۽ برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرد??ري?? وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا پيغام پڻ پڙهي ٻڌايا ويا.
عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي: پاڪستاني سفير رضوان شيخ
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش