اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان ص??يقي چيو آهي ته ترڪ عوام، حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻڌيءَ جو مظاهرو ڪندي فوجي بغاوت کي لتاڙي ڇڏيو آهي. پاڪستان ٽيليويزن سان ڳالهائيندي هن چيو ته ترڪيءَ جي قوم آمرن کي سخت جواب ڏنو آهي ۽ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي جمهوريت جي تحفظ کي يقيني بڻايو آهي جيڪو ٻين قومن جي لاءِ پڻ هڪ مثال آهي. هن چيو ته ترڪ عوام، حڪومت ۽ مخالف ڌر متحد ٿي پوري دنيا جي ماڻهن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته حڪومت جي اس??حڪام جي لاءِ جمهوري نظام کي سگهه ڏ??ڻ ضروري آهي جي??ا متحد ٿيڻ سان ئي ممڪن آهي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ