اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبر ملڪن جي اڳواڻن کي خط لکيا آهن جن ۾ انهن تي زور ڀريو ويو آهي ته اهي ڀارتي حڪومت تي والاريل ڪشمير ۾ رتوڇاڻ فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهن. پرڏيهي آفيس پاران ڪالهه سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چ??و ويو آهي ته ڀارتي والاريل ڄمون ?? ڪشمير ۾ قابض فوج پاران انساني حقن جي سنگين خل??ف ورزين جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن چين، فرانس، روسي فيڊريشن، برطانيا ۽ آمريڪا جي ملڪي سربراهن ۽ حڪومتن کي خط لکيا آهن.
مضمون کا ماخذ : کڑک