اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن چيو آهي ته تحريڪ انصاف وزيراعظم محمد نواز شريف تي هنيل الزامن جي حوالي سان عدالت ۾ ڪي ٺوس ث??وت پيش ناهي ڪري سگهي، وزيراعظم ماضي وانگر الزامن مان باعزت بري ٿي ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمرا?? خان ب??ي گالا ۾ ويهي تمام گهڻيون ڳالهيو ڪري ٿو پر سندس وڪيل عدالت ۾ هنيل الزامن جي حوالي سا?? ڪي ٺوس ث??وت پيش ناهن ڪري سگهيا. پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف تي ماضي ۾ به ڪوڙا الزام هنيا ويندا رهيا آهن پر اسان عدالت ۾ ثابت ڪنداسين ته محمد نواز شريف جي پوري فيملي نيڪ نام آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام