اسلام آباد – 27 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آدمشماري تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. پاڪستان بيورو شماريات جي سربراهه وفاقي وزير کي تيارين بابت بريفنگ ڏني ۽ چيو ته فيلڊ ورڪ تيزي سان ڪيو پيو وڃي ۽ ڳڻپ جو سامان ملڪ جي مختلف علائقن ?? پهچايو پيو وڃي. هن ??ڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي عملي جي مقرري سميت سمورا انتظام مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته لاڳاپيل عملي جي تربيت مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ انهن کي لاڳاپيل ڳڻپ بلاڪس ۾ مقرر ڪيو ويندو. هن ??اڪستان شماريات بيورو پاران آدمشماري ۽ گهرشماري جي حوالي سان ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪيل اشتهاري مهم کان پڻ آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا