اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائدايوان راجا محمد ظفر الحق چيو آهي ته اڄ وقت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته نائين ال??ون کانپوءِ پاڪستان کي ڪنهن ٻي جي جنگ ۾ ڌڪڻ تمام غلط فيصلو هو ان جا اثر ??ڃا تائين ڀوڳي رهيا آهيون، ان فيصلي جي خلاف قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي هئي، اڪثريت ان کي غلط قرار ڏنو، اولهه اسرائيل جو اثر ??سوخ وڌائي رهيو آهي ان جو ٽوڙ تمام گهڻو لازمي آهي، پيغام پاڪستان کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ گهٽي، چوڪن، مسجدن ۾ کڻي وڃڻو پوندو. هو ايوان صدر ۾ تشدد، انتهاپسندي، دهشتگردي جي خلاف متفقه قومي بياني ”پيغام پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، تقريب جي صدارت صدر ممنون حسين ڪئي جڏهن ته تقريب ۾ اعزازي مهمان پرڏيهي وزير ??واجه محمد آصف ۽ خاص مهمان گهرو وزير ??حسن اقبال هو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ