ٽوڪيو – 26 جو??اء?? (اي پي پي) جاپ??ن ۾ ٽن وڏي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل چورن جي گروپ گرينڊ پا- گينگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سائوٿ چائنا پوسٽ مطابق گينگ ۾ شامل 88 سالن جي هيديوامينو، 70 سالن جي هيديمي متسودا ۽ 69 سالن جي ڪينچي ويتيبي مبينا طور تي جيل ۾ قيد دوران پنهنجي ڏوهاري سرگرمين ??اء?? گروپ ٺاهيو. آزادي کانپوءِ ٽنهي تي الزام آهي ته هنن چوري ??اء?? انهن گه??ن کي نشانو بڻايو جيڪي خالي هئا. مئي ۾ مبينا طور تي هوڪائيڊو جي گادي واري شهر اسيپيرو ۾ هڪ خالي گه?? ۾ داخل ٿي 200 ين ?? شراب جون بوتلون چوري ڪيون. ان واقعي کانپوءِ ٽنهي ٻئي مهيني ان ئي علائقي ۾ هڪ ٻئي خالي گه?? مان 10 لک ين ماليت جا زيور چوري ڪيا. پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جو سڀني کان وڏو ميمبر امينو چوري ڪندو هو. متسودا گاڏي هلائيندو هو ۽ سڀني کان ننڍو ويتنيبي چوري جي شين جي سار سنڀال ڪندو هو. ڄاڻايل مبينا ڏوهن جو پتو ا?? وقت پيو جڏهن ٻئي گه?? جي مالڪ کي شڪ ٿيو ۽ هن پوليس کي آگاهه ڪيو. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي ان گروپ جو پتو لڳايو ۽ اهو معلوم ڪيو ته عورت جي گم ٿيل شين مان ڪجهه کي وڪرو ڪيو ويو آهي. رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ٽنهي بزرگن کي گرفتار ڪيو ويو ته کين هلڻ ??اء?? پوليس جو سهارو وٺڻو پيو. سندن چوڻ آهي ته اهي ڏوهه زندگي گذارڻ ??اء?? ڪيا آهن.
جاپان ۾ پوڙهن ماڻهن تي ٻڌل چورن جو گينگ گرفتار
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria