ٽوڪيو -29 جول??ءِ (اي پي پي) امريڪا ۽ جاپان جي اعليٰ دفاعي اختيارين ۽ سفارتڪارن ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي منصوبن جو اعلان ڪيو آهي. جرمن نشرياتي اداري ڊي ڊبليو مطابق آمر??ڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ۽ دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن پنهنجن جاپاني هم منصبن يوڪو ڪاميڪاوا ۽ مينرو ڪيهارا سان ٽوڪيو ۾ 2+2 سيڪيورٽي ڳالهين ۾ حصو وٺي رهيا هئا. آمر??ڪي دفاع واري وزير لائيڊ اسٽن گذريل ڏينهن جاپان ۾ پنهنجي آمد دوران ايڪس تي بي??ن ۾ چيو ته آمريڪا جاپان 2+2 ميٽنگ ل??ءِ جاپان ۾ رهڻ تمام سٺو هو. جاپان سان اسان جو اتحاد هند-??اٺ?? سمنڊ ۾ امن ۽ سلامتي جو سنگ بنياد آهي ۽ اهو اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهي. هن چيو ته اختيارين جاپان ۾ آمر??ڪي فوج سميت آمر??ڪي ۽ جاپاني ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ڍانچي کي جديد بنائڻ جي تاريخي ڪوششن تي ڳالهيون ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي. ٻنهي ڌرين نئين آمر??ڪي ڪنٽرول ۽ ڪمانڊ سينٽرز قائم ڪرڻ ۽ جاپان ۾ آمر??ڪي لائسنس يافته ميزائل جي پيداوار کي وڌائن جي منصوبن جي به تصديق ڪئي آهي.
آمريڪا ۽ جاپان جو نئون ڪمانڊ سينٽر قائم ڪرڻ، فوجي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي منصوبن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد