نئين دهلي -30 آگسٽ (اي پي پي) روس جو صدر ولاديمير پيوٽن مصروفيتن سبب ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ جي-20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو، ڀارت جي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته روس جي صدر وزي??اع??م نريندر مودي سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، جنهن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، ته روس جو صدر ان اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نئين دهلي جو سفر نه ڪندو جنهن ۾ برطانيه جو وزي??اع??م رشي سونڪ ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن شامل هوندا. پرڏيهي وزارت چيو آهي، ته 9 کان 10 سيپٽمبر تائين جاري رهندڙ اجلاس م صدر ولاديمير پيوٽن جي بجاءِ روس جي نمائندگي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ڪندو. بيان مطابق ڀارتي وزي??اع??م نريندر مودي ڀارت جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جي سمورن قدمن لاءِ روس جي مستقل حمايت تي روس جي صدر جو ٿو??ا به مڃيا. روس جي حڪومت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي، ته روس جي صدر ۽ ڀارتي وزي??اع??م ٻه طرفن ن??تن تي پڻ ڳالهيون ڪيون. واضح رهي ته روس جي صدر طرفان اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ واري خبر ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن نئين دهلي ۾ اجلاس جون تياريون آخري مرحلي ۾ آهن، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اهو جي-20 وفدن جي هاڻي تائين جو سڀ کان وڏو اجلاس هوندو.
روس جو صدر ايندڙ مهيني ڀارت ۾ ٿيندڙ جي-20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل