رياض- 25 جنوري (اي پي پي) سعود?? عرب ۾ نيوم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز نيام شهر ۾ زاردون اسپيشل ريزورٽ جي قيام جو اعلان ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب زاردون نيوم جو جديد ترين سي فرنٽ بڻجندو. ان جو ڊيزائن دلڪش قدرتي حسن ۽ پر آسائش سهولتن وارو هوندو. زاردون ريزورٽ نار عقبه جي سامونڊي ڪناري تي فيروزي رنگ جي پاڻي جي دلڪش منظرن مان لطف اندوز ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪ??دو. زاردون ريزورٽ سياحن ل??ءِ بهترين سياحتي تجربن جو موقعو فراهم ڪرڻ ل??ءِ تيار ڪيو پيو وڃي، زاردون ٽن معياري هوٽلن تي مشتمل هوندو جنهن ۾ 100 ڪمرا هوندا، ٽئي هوٽل هڪ ٻئي کان مختلف تجربا پيش ڪندا، هوٽلن ۾ تفريح ۽ راندين جي سرگرمين جو پڻ اهتمام ڪ??و ويندو، زاردون جي هوٽلن ۾ قيام ڪ??دڙ سياحن کي يوگا ۽ رات جي وقت تارن سان ڀريل آسمان ڏسڻ جو پڻ موقعو ملندو.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا