اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين جيلن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي حالت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ندي وفاقي محتسب پاران ان ڏس ۾ عملي قدمن ??ي ساراهيو آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار جيلن ۾ قيد عورتن ۽ ٻارن کي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب جي ڪردار جي حو??لي سان ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي محتسب سلمان فاروقي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس ناصر اسلم زاهد پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر ان ڳالهه ??ي ساراهيو ته وفاقي محتسب اعليٰ عدليه جي حڪم تي جيلن ۾ قيد عورتن ۽ ٻارن جي خراب حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ