اسلام آباد – 07 نومبر (??ي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ملڪ ۾ سموگ ۽ موسمي حالتن سبب پيدا ٿيندڙ صو??تح??ل کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ وسيع رابطا ?? اڳواٽ منصوبابند?? جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجل?? جي پيداوار ۽ ملڪ ۾ طلب ۽ پهچ جي صو??تح??ل جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. بجلي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، بجلي ۽ پيٽروليم ڊويزنن جا سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم کي بجل?? جي تازي تعطل بابت ٻڌايو ويو جنهن سبب ڏکڻ پنجاب، اتر سنڌ ۽ ملڪ جا ٻيا حصا متاثر ٿيا آهن. اهو به ٻڌايو ويو ته وقت کان اڳ سموگ غيرمعمولي آهي ۽ خشڪ موسم سبب وڌيڪ جاري رهڻ جو امڪان آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽرانسميشن لائينن جي ٽرپنگ ٿي.
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II