اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪامسٽيڪ سمورن اس??ام?? ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون جي فروغ، فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ تجربن جي مٽاسٽا ڪري. گڏيل تڪرارن کان مٿانهون ٿي ڪري انساني زندگين کي بچائڻ جي سلسلي ۾ بک ۽ غذائي تحفظ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ قومن جي سوچ ۽ نقطه نظر ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلين جي م??ئلن کي پيش نظر عالمي وسيلن تي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هن ڪامسٽيڪ تي زور ڏنو ته هو سمورن اس??ام?? ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون کي فروغ ڏي ۽ فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج جو حل ڳولڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ پنهنجي تجربن ۽ ڪاميابين جي مٽاسٽا ڪري، هو هتي ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ ۾ ورلڊ فوڊ ڊي جي مناسب سان منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ اس??ام?? تعاون تنظيم جي 9 ملڪن جي سفارتڪارن، سائنسدانن ۽ زرعي م??هرن شرڪت ڪئي. ان موقع?? تي ڪامسٽيڪ (آرگنائزيشن آف اسلامڪ ڪوآپريشن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن سائٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجيڪل ڪوآپريشن) ۽ برطانيه – پاڪستان اڪيڊمڪ نيٽ ورڪ”ساوي“ جي وچ ۾ سهڪار کي باقاعده جاري ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته دفاع ۽ سلامتي سان گڏوگڏ غذائي تحفظ جو رجحان تيزي سان نمايان ٿيو آهي، ان ڏس ۾ بک جي وڌندڙ خطري جي موجودگي ۾ قومون جنگين تي اربين ڊالر ڪيئن خرچ ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته پاڪستان جي وڌندڙ آبادي کي خوراڪ ۽ غذائيت جي کوٽ جهڙا مسئلا درپيش آهن جنهن ۾ غذائي کوٽ بابت پيچيدگين سميت تازن ڄاول ٻارن جي موت، وڌيڪ ٻارن جي پيدائش سان عورتن کي خراب صحت ۽ ٻارن جي ڪمزور ذهني نشو ۽ نما نمايان آهن، هن چيو ته حڪومت بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ ۽ زير زمين پاڻي جي ذخيرن کي ڀرڻ لاءِ ننڍن ڊيمن جا منصوبا شروع ڪيا، هن فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي سلسلي ۾ پاڻي جي موثر نظام جي لاءِ پاڪستان ۽ ٻين ملڪن پاران عملي قدمن جي تجويز ڏني، ڊاڪٽر عارف علوي ٻڌايو ته هن خوراڪ واري وزارت کان سيٽلائيٽ اميجر?? تي ڪم ڪرڻ جو چيو آهي ته جيئن فصلن جي ميپنگ کي بهتر طور تي سمجهي سگهجي ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي.
ڪامسٽيڪ سمورن اسلامي ملڪن جي وچ ۾ هائبرڊ تعاون جي فروغ، فوڊ سيڪيورٽي جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽيڪنالاجي ۽ تجربن جي مٽاسٽا ڪري: صدر
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش